Thursday, December 20, 2007

SHAH ABDUL LATIFS POETRY

1اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.2وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.3اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.4آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.5وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.6وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.7وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.8وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.9سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.10عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛خالق چَؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.11وحدتان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛هُو هُلاچو هُل، با الله سندو سڄڻين.12پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.13پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛پاڻهِين خلقي خوب، پاڻهِين طالب تن جو.14پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.15ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.16ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.وائيسڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛نيهن نيڻيڻ، ڳُڻُ ڳالهه وو.جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.داستان ٻيو1اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان.2انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.3سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.4سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا؟جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.5سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِهاڙيو چَنگ چڙهين؛جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱيو. 6پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.7ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿ ۾؛پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوهُ؛عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.8ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.9اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباها؛ڪات نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَھٽِ؛مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ؟ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.10جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجھان گھوٽ! گھاٽي؛جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سهانگو.11جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛مَهيسَر جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ؛جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.12ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھ مهانگو مَنڌُ؛سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛هِيُ تنِين جو هنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.13 عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.14مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوهُ؛پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.15سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ؟حُه ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ؛پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.16سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي هَٿ ۾.17اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ؛سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.18جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي؛سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ؛لڌا تي لَڀَنِ، مُلھِ مَهانگا سُپرينِ.19مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.وائيمَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سهي سُڃاتو؛پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجھيو سُون؛پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مِڙيئي ڏُون؛اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.داستان ٽيون1اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.2اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ؛تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ؛رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.3ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ؛مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ؛خَنجرُ تنهن خُوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ؛صاحِبُ رَبُّ ستَّارُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جون.4رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.5سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ؛وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَاءُ، وَ تَذِلُّ مَنۡ تَشَاءُ.6سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪہ نه سَلامُ؟ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.7مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.8پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.9تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي؛’فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ‘، اِيَ پَرُوڙِج بات؛هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.10پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.11پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.12ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ؛نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.13ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ؛اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ؛آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.14ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَـهَنِ، ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛سيئِي ماءِ! مُهَنِّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.15ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ؛اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ؛تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.وائيٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.


1وِسَھُ اِنَهِين ويڻَ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا؛مَضۡمَضَہۡ واتا، وِجُھ ته ڏيئِي واتَ ۾.2پيُ مَ طَهُورا، وانءُ اورانگھي اورِيان؛وِچان جي وِصالَ کي، سي سَڀِ اُجُورا؛حاصُلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀِ ٿِـئي.3سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛ڳَـهَڻَ! تُنهِنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛جِنِ جيها ئِي پَٽُ، تِنِ تيها ئِي بِکِيا.4سمو تِنِ سَڏَ ڪري، جِنِ تي وڏو ويرُ؛اُٿي ته آجِي ٿِيان، پائي پاکوڙي پيرُ؛تو رِءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي.5سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلَهَنِ؛لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ؛جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌِرو.6تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو؛ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ؛وِلَها جنهن وَنهِيا ڪَيا، پاڳَ تَنهِنجِي پَسُ؛ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.7علاؤالدِّينُ آئِيو، کَـڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ؛ڪَنهِين ڪِينَ هِمَٿِيو، ڪانَ جَھـلِيندو ڪيرُ؟سُومِرينِ سامَ کَنئِي، اَبڙي ڪَيو اُٺَ پيرُ؛هو مُهانئِين مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.8سَرَڻِـيُنِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛جي آيوُن اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.9ٻِـيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نه ڏُونگَـرَ راءُ؛اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.10اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَھلو ڀارِي؛سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلہَ وسارِي؛مَنَهَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.11ابڙو اَڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئَن ٻيلي؛سي پَٽَ ڪَنهِن نه پُورِيا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي؛سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَنءَ جِئَن، رُڄُون ٿو ريلي؛اَچَنِ جي ويلي، تِنِ بورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.12اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونهن سَڀَنِ؛تَنهِن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.داستان ٻيو1جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پيدا ڪَيو؛ڪيهَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇُون مَلُھ موڙي؛سَمُونڊَ جِئن سِيرَ ڪَيو، ٿو ٻارِ جِئَن ٻوڙي؛گھوٽُ چَڙهِيو گهوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچِرا.2جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا؛جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائِين نه ٻِيا؛مِٽِي تَنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتِرِي.3ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نه ٻِيا چَڙهَنِ؛ته ڪي کُوھَ کَڄَنِ، جهُ سَرُ لَڀي سَڀَرو؟4هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي وِچِ مَ پوءِ؛پِي پِي سو پُرِ ٿِيو، جو حاتِمَ پاسي هوءِ؛ڪَيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَهانَ ۾.5هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ؛”اچو! آيا نِچُ!“ سَمي وائِي واتَ ۾.6جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛مُهَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَڪانُ؛اِيُ آگي جو اِحۡسانُ، جَنهِن هادِي ميڙِيُمِ هَهِڙو.داستان ٽيون1ڪوهُ نه جُهارِئين جَکِرو، جنهن ڏيھَ ڍيا ڏيئي؟جي لُڏِيا ٿِي لِينگُهن ۾، شالُن ۾ سيئِي؛سَمي سَڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪيا.2اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان؛شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.3اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پـَيرِيندي ٺَرِيا؛مَنجِھ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيـين.4تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اجھو، تُون اَڳُ؛هِتِ پِڻُ تُنهِنجو تَڪِيو، مَهَندِ پِڻُ تُونهِين ماڳُ؛سي لورِيُون ڏِيَنِ نه لاڳُ، جي اَجھي آيُون اَبِڙي.5پَسَنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکِرو ئي جاجِڪَ؛تِئان ڏِنِي مَڱَـڻي، طَهُورا جِي تِڪَ؛سَمي ڀَڳِـيَنِ سِڪَ، واصِلُ ٿِيا وِصالَ ۾.6جي اُڌَمِيو اَڄُ، ته وَسندو سونَ سَنگُ؛جالَ ڍَئِيندو جُنگُ، جَڳُ ڍَئِيندو جَکِرو.داستان چوٿون1وَڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسَنِ ڪينَ وِڌوسِ؛گَندِي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پِـيرَ ٿِيوسِ.2وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ؛مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نه ڏِنُسِ جوءِ؛ويٺو اِئين چوءِ، ته پِيران پاسي نه ٿِيان.3اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آهِ وڳَندُ؛هَڏِ نه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جِي.4اَسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛جُسي ۾ جَڏو، پر کِـيَڻَ تي کُڙا کڻي.5وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ؛خاوَندَ! ڏي خُوشبُوءِ، ته سُرهو ٿِيان سُپِرِين!6وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجھو؛ڇَڏي نه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطارَ سين.7داتا سَندي دَرَ تي، وَڳَندُ ويٺو پَسُ!تَنهِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلوُدو آزارَ سين.8وَڳَندُ ورِي آئِيو، نِسورو ئِي نَرَڳُ؛گَندا گُلابِي ڪَري، سَيَّدَ جو سَرَڳُ؛عَطُرَ سين اورَڳُ، ته هُئين سَدائِين سُرَهو.9وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو بي نِـمازُ؛جِئَن تِتِرَ مٿي بازُ، وَڳَندُ تِئَن سُرهاڻِ تي.10وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪوٽِڙِيان ڪُلاٽُ؛سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، هَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻين.

1کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.2مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛رَھِي اَچِجي راتڙِِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.3ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.4تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟سَوارا سَنڊَ کَـڻِي، کاھوڙِي وِيا؛آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟5ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نه ٻُڌِي؛پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.6ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَـئِي نه ڪَنِ؛ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَھڙِي.7تان وَنئُن ويـھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.8ڏُٿُ نه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛اُھۡڃاڻِـيُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالھڙِي.9جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ کي!10مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَھرين نه گھارِينِ؛واحِدَ لَڳِ وِلۡـهُنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛گُوندَرِ گُذارِينِ، جهُ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.11کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.12کَڻَنِ نه ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا؛ڏوٿَيِرا ڪَنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ؛کاهوڙِيُنِ اُهڃاڻَ، اَنگ نه سَڄِي اَڳِڙِي.13سُڪا مُنهَن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَھن؛ڳُجھا ڳُجھيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌَ جُون.14سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟داستان ٻيو1پِيوجن پَرو، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جو؛ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهوتِي ٿِيا.2پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جي؛واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.3پيئِي جنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جِي؛ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.4ڪَهڙو اَٿيئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟پَسِي تنهن پاهڻَ کي، اَچي نه آرامُ؛مَتان ڏُونگـرَ ڏورِئين، اُجِھين ڪُہُ عَوامُ؟هَرا ڪَري حَرام، کامُ ته کاهوڙِي ٿِـئين.5ڏيهُه ڏيهائِي ناهِ، جِتي پـيرُ نه پَکِيان؛تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.6جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟داستان ٽيون1اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛اُوءِ بصِيرَ بَرَّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُھمَنِ؛فِراقِيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛لَنگھا ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛کَـپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئي نه لَهي.2ڏِسِي ڏوري ڏُونگَـرَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛ڪُرَندان ڪِي پَرُوڙِيو، رَندُ سي نه رِڙهَنِ؛ٻيئِي دارَ دَيُون ڪَيو، پِيرَتِ تان نه پُڇَنِ؛ڌُوڙِپِرِيان لَءِ ڌارِ ڪَيو، ويچارا وِجَھنِ؛خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ لاهُوت جي.3ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنهِين پاتو پيرِيين؛جِيان مُنجھڻَ ماڙُهِئين، سَڄَڻَ تِيان ئِي سيرُ؛اُنَ ڀُون سَندو ڀـيرُ، ڪوڙِنِ مَنجھان ڪو لَهي.4سُونهَپَ ۾ سَپَ گھڻا، مُنجَھڻُ ماکِي هوءِ؛پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان.5ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ! کاهوڙِي آئِيا؛مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪَنهن پارَ جِي.6جَھنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛اَوَجَھڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.7جَھنگَلُ آهيڙِيُنِ کي، ڀَـنَڻُ ڪَيو رُوندو؛نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪُون، چَڙهِيو اُڀو چُوندو؛هَڏهِين نه هُوندو، اِنهان پوءِ عالَمَ ۾.8وَرُ سا سُڃِي ويڙه، جنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪڙو؛سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.9ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينهُن، اِيُّ صِفَتان نُور؛جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪر.10ڏُونگَرين ڏسِجَنِ، اَڄُ پِڻُ رُيُون اُنِ جُون؛ڏوٿِـيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ؛خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنهِين ڀيڻِيـين.11کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيا؛سوجھي جن ڪَيا مَٿي اَڱڻِ آهِرا.

1ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون؛ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنهِن پَرِ ڏِينهَن گُذارِئين؟2جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِـيُنِ جو؛مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نه ڪَرِئين.3ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَهِيَڙو؟4سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا؛جُنگنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا.5سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو؛سو پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيون نه آيو؛ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻـئِين.6ڍورُ نه اَڳـينءَ ڍارَ، مهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو؛موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻيءَ پارَ؛جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.7جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تون، مَڇَ! نه موٽِئين؛ڪائي ۾ ڪوه ڪَرِئين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ؟سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهِميزُون مَلاحَنِ جُون.8جان جَرُ هُئَڙو جالَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛پَوَندِيَءِ اَڄ ڪِ ڪالَ، سانڀويُون سانگِنِ جُون.9جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَھٽَ به جَھـلِيَءِ گھاتُئين.10مَتو آهِين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين؛جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَنڙا.11ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏهِن هَنيائُون؛موتِ نه ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏُکَ جِي.وائيلايَءِ جا وَرۡنَ کي، سا ڪانڌَ! مُنهِنجي ڪورا.ماءُ! مارِيندَمِ ڪَڏهِين، هِنَ پِرِينءَ جي هورا؛اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا، ڪَرَ ٻاٻِيهو جِئن مورا؛سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتورا؛ڇَپَرُ کَـٿُورِي ٿِيو، ٻِي تازِي ڦُلَنِ ڦورا؛اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، سانوَل ميڙِ سَنڀُوڙا.داستان ٻيو1مَدِيني جا مِيرَ! سُڻُ مُنهِنجا سَڏَڙا؛سَرَڻِ تُنهِنجي سِيرَ، تُون پارِ لَنگھائِيين پَيَڙا.2ڌَڻِي! سو وارِئين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين؛وَهِيءَ واٽَ مَٿاءُ، هِنئَڙي آسَرَ مَ لَهي.3نيڻَ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا؛هَنجُون نه هارِينِ، پاڻِي پُنهُونءَ ڄامَ ري.4نيڻَ نِهاري مُنهِنجا، روئِي ٿِيا رَتُ؛پُنهُونءَ هوءِ پَهَتُ، ته پارِي نِيَنِ پاڻَ سين.5َاڄُ اَڱَڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيانِ؛ڏُونگَرِ ڏِينهَن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.6اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.7صاحِبَ! تُنهِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون؛جيڪَرَ اچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.8جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.9سَتَرُ ڪرِ سَتّارَ! آءٌ اُگھاڙِي آهِيان؛ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو.وائيمُون کي نِنڊَ نه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَن ۾.موٽُ تُون آيَلَ! مُنهِنجِي ماءُ! تان تو ڏُکُ نه ڪيڻين ڪيڻين؛هُوءِ نه نينِمِ پاڻَ سين، جا ويندڙِي سيڻين سيڻين؛ڪالهُوڻِيان اَڄُ گَھڻِي، جھورَڙِي جھيڻين جھيڻين.ٻِيُون سَڀُ واڳِيون وَرَنِ سين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻين ويڻين.هِنئَڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتڙو نيڻين نيڻين.اَلا! عَبۡدَاللَطِيفُ چئي، مُحِبَّ اسان تُون ميڙين ميڙين.داستان ٽيون1ڪَرِ ڪو ڀـيرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجھري؛پِرِين! تُنهِنجي پاندَ، ڍولا! ڍَڪِي آهيان.2جِئن تون قائِمُ، ڪانڌ! تِئَن آءٌ وَرَ! وِلَهي نه ٿِيان؛پَکي ڇِنان پاندَ، ڳَنڍُ نه ڄاڻي ڪو ٻِيو.3ڪانڌَ ٻِـيُنِ ڪيتِرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ؛پاڻا ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوهُ اَکِـيُنِ سين.4وَرَ سين وِجِھيو ڪاڻِ، کَـرَ سين کِلَڻ پائِيين؛ڀورِي! مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇَڏِيو تُھَ ميڙِئين.5سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نه ٿِـئي.6ڪِي سُمھُ، ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيھُ ڀانـئِيو.7جاڳَڻَ مَنجھان جَسُ، آهي اَدا! جن کي؛لاهي جو، لَطِيفُ چئي، مَٿان قَلۡبَ ڪَسُ؛وَرنہَ! ڪَجان وَسُ، صُبُحَ ساڻ، سَيَّدَ چئي.8هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُـلِئين؛راتِيُون ٻِيُون گَھڻِـيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪِلي.9سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏو ئِي ٿِيو؛پِرِين سين پاڙو، مُنهِنجو نِنڊَ نِبيرِيو.10پِرَهَ ڦُٽِي، راتِ گَـئِي، جھيڻا ٿيا نَکَٽَ؛هارِي! وِيَءَ وَٽَ، گَھڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا.11پيئِي جا پِرِڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا!روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏسي ڏُکويَنِ کي.12ڍولُ مَ کڻي ٻانهَنڙِي، پِرِهَ مَ کَـڻي پاندُ؛آءٌ پَنهِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائِيان.13ڦِريا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِيَنِ کِيرُ نه چَکِيو؛دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِيا.داستان چوٿون1روهِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پڻ هَلَڻَ هارِيُون؛ڪَرڳَلُ ڪُونجَڙِيَن، رائي ۾ راتِ ڪَيو.2وَڳَـرُ اُڪِيري سَرُ سارِيو، سُورَ چَري؛جُھري جِھڄندي ڏِئي، سَنِيها کي سَڄَڻين.3وَڳَـرُ وِساري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري؟ڪِ تو نه ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين؟4وَڳَـرَ وِيا وَهِي، ڪالَھ تُنهِنجا ڪُونجَڙِي!ڪَندِينءَ ڪوهُ رهِي، سَر ۾ سُپيرِيُنِ ري؟5وَڳَـرَ ڪَيو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنَنَ پاڻَ ۾؛پَسو پَکِـيَڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گَھڻو.6مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين چاڪَ؛ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَھرِ گھارِيندِيُون ڪيتِرو؟7ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَڙا.8اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهُونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري؛پِرِين پَسِي مَنجِھ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.9ڪُونجُون ٿِـيُون ڪُڻِڪَنآِ، جيڪُسِ هَلَڻَ هارِيُون؛ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.10آيُون ڍورَ ڍرِي، اصُلَ سَندي آسِري؛کَنڀَڙَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پَـير ڏُکويا پَکَـڻين.11ڪُونجَ نه لَکِيو ٻاڻُ، مارِيءَ سَندي مَنَ ۾؛اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.12ڪُونجَ! نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنهِن سين ڍَٻيو؛مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.13مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي.14ڪَيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگھارَنِ سين؛جنِين جي خَمِيسَ، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.15جِيَنِ سي سَنگھارَ، اَجھي جنِين گھارِيان؛مانَ لَهَنِئُون سارَ، وِچِ وِلَهين ڏِينهَڙين.16جي ڀانئِين وَسَ چَران، ته سَنگھارَنِ سين لَڏِ؛ته هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِين ڪَڏَهِين.17مَنڌِيُون مَٽِ گُڙَنِ، جھوڪَ به سُونهَنِ پَهِيَڙا؛سَندِي سَنگھارَنِ، جُوءِ جِئاري جَڏَڙين.18جاڳو، جاڙيجا! سما سُک مَ سُمهَو؛پَسو، آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيُون ڪَري.19ٽاٽُونڪِينِ پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرِکِرا؛لاکي لوڙائِنُ جا، اَهِڙا ئِي اُهڃاڻَ؛ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.20ريـٻارَڻِ! رِيجھاءِ، لاکو لُولاٽِيُنِ سين؛سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ مَٽائي ٺاڪُرُو.21لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀـيرُ ٻِيو؛جَنهن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجھ ڪُنبَنِ؛جَنهِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نه لَهي.22لاکو لکِيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ؛سونهرايُون سِرِ ڪَيو، ڀِيڙي ٻَڌي بيٺِ؛ڪَندو ڏَمَرَ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀَڪَنهِين.
1لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ؛سِڄُ سامُهون مُنهَن ۾، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِين.2اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.3ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛آئُون ڏُورِيندي ڪيترو، پَهَڻن پيرُ پِيو؟سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچي ٿِـيُمِ، جيڏِيُون!4سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي؛پاڻي ناهِ، پَنڌُ گھڻو، اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ؛مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.5پَٽِيءَ نه پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نه ڇَمِيا؛پويون هِيُ ڀـيرونِ، نِينهن نِباهي هَليا.6سُيءِ ڪا تنوارَ، ڪِي هُنئِين ٿِي هَٿَ کَـڻِين؛سَوين رُليُون سَسُئِيون، هوتاڻَنِ هزارَ؛ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نه سِکيا.داستان ٻيو1ڪِي ڌَرَتَتِي، ماءِ! ڪِي ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين؛هَلي ۽ واجھاءِ، ٻِنِين ڄيرَنِ وِچَ ۾.2مَٿيان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو؛مُون کي طَعنا تي ڏِئين، جئن نه پَرُوڙِئين سَچُ؛اَمڙِ! اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي.3مَٿي مَنجھانِ مِينهُن، پَسو! پاڻيءَ جئن وَهي؛مُون ڀانيو نِينهُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.4منجھان مُنهنجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسِرِي؛ته مَرُ لَڳي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران!5پَهِي ڪامَ پِڃاءِ؛ اَمَڙِ! مُنهنجي آسِري؛ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻيءَ پاءِ؛ڪَتِـيُمِ جنهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيـچِ وِيو.6کوءِ هاڙهو! ٻَنِ هوتُ! کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيَتَڻو!مادَر! مُون مَوتُ، پَسَڻان پرائيو.7کوءِ ٻولِي! ٻَنِ ٻَروچُ! گھورِي ذاتِ جَتَنِ جِي!مُون کي چَئِي ”لوچُ“، پيهِي وِيا ڇَپرين.8جِئن جِئن تَپي ڏِينهُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛ڪو آڳانجھو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.9جان جِئَين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري ؛تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.10تَتِيءَ ٿڌِيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي؛مَتان ٿِئي اُونداه، پيرُ نه لَهِين پِرينءَ جو.وائيشاديءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! مَرَڪُ مُنهِجو مُون پِرِين.آهي ڳَههُ ڳِچِيءَ جو، ڏِئي هالورا هارُ؛آهي اُگھاڙيِن کي؛ جانِبَ جو جنسارُ؛آهِئين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تيارُ؛اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻو دِيدارُ؛حُسۡنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ؛سُڃَ ڪَيائِين سُرَهِي، واسِيائِين وَڻِڪارُ؛ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪيُون، عَطُرُ ٿِيو آوارُ؛ڪوڙيـين ٿِيا ڪيترا، نالي تان نِثارُ؛سَدا صلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ؛گھورِيان گَھرُ گِھٽِيءَ تان، اَچي جِئان آڌارُ؛اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِليو مُون مَنَٺارُ.داستان ٽيون1ڪو گُھمندي گھورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو؛ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، هِنئون هِتِ نه وِندُري.2ڀَنڀورَجَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِيو؛هاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَـرَ ڏورِيان.3ڀينَرُ! ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَهو؛اَڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرائِيا.4ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون؛سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!5ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛مُون سين تنهن پَهاڙُ، ڏُکان هَڏِ نه ڏوريو.6اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اکينِ سان.7ڀُـلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَليو؛شَهرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرِياڻِي اَتورُ؛ماڻِيو تنِين مورُ، ديکِيو جنِين دِلِ سين.8بُرو هو ڀَنڀورُ، جو آرِياڻِيءَ اُجارِيو؛لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ؛ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکـيُون، پُنهون ڪَيائُون پورُ؛آيو سو اَتورُ، جنهن ڏُکيُون ڏِکَ وِهارِيُون.داستان چوٿون1لَڄايا مُونهان، ساجُھرِ تي سيڻَ وِيا؛پِيَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنهنجي ذاتِ جي.2آئُون جي هُيَسِ هَڏُ، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو؛ساٿَ لَڏِيندي سَڏُ، هُوندَ ڪوهِيارا ڪَرِينِ مُون.3هُيَسِ جي سِياءِ، ته ڪَيُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي؛اَدَبَ وچان اُنِ سين، ڳالھِ نه ڪَيَمِ ڪاءِ؛ذات مُنهنجِي، ماءِ! ڪَچو ٿِي ڪيچيُن کي.4ساٿِي توءِ هَلَنِ، پَٿَرِ جي وارَ ڪَرِيان؛جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏِ ٺو عَيبُ اَکينِ سين.5ساٿِيُن سَئِين نه جاڳِين، پوءِ ڪُڄاڙِيان روءِ؟اِيَ پَرِ ڪُپَرِ هوءِ، جئن هُو سانگِي، تُون سُمَهِين.6مُون سَڏِيندي سَڏڙا، ساٿِي سَڏُ نه ڏِينِ؛وِلَهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نه تنوارِينِ؛هيڏا هاڃا ٿِينِ، بُري هِنَ ڀَنڀورَ ۾!7ڪَهان، تان ڪيچانَ پري! وِهان، تان وَٽِ مُون!ڀُـلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.8ڪَهان ته ڪيچان پَري! سُمهان تان سِرَ هيٺ!ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون! جيهِيءَ پَرِ ٿِي.وائيهوتَ! هوتَ! اي هوتا! ڏِيَندِيس ماهُ مِرُنِ کي؛آئُون جَرا جِيُّ ڪَري.ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳَري؛آرياڻِي پُنهونءَ ري، مُون کي، سَرِتِيُون! تان نه سَري؛جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري؛آءُ اوراهُون، سَپِرِين! وَڃُ مَ، پِيَّ! پري؛مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرچِي تان نه وري؛ڏُکِيءَ جي ڏيکارِئين، ڌاران مُنهَن مَري؛پيالي پِرِيُنِ جي، موهِيَسِ ميٺَ ڪَري؛آرِيءَ جي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري؛توکي توءِ نه ڇَڏِيان، جي وَڃان ڀُونءِ تَري؛ڌَڙُ وِجَھنديَس ڌُوڙ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري؛هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي، پَسُ ڏَري؛پِرِين! کَـڻِـجِ پانهِنجِيُون، اَکِـيُون ٻاجَھ ڀَري؛اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مَنَ ڪا مَهرَ ڪَري.داستان پنجون1ليڙَنِ لَنگِھ لَسَ، مانباڻِيان مَٿي وِيا؛وَ ٺِي وَرُ واٽَ ٿيا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ؛هُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.2ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَي، پَهَڻَ پَٿَراڻِـيُون ڀانئِيان؛جتي رَهان راتِڙِي، مِرُون مُنهنجا مِٽَ؛سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڏُونگَـرُ ڏولِي مُون ٿِيو.3مُسافِرِنَـئُون، ماءِ! وِرِه وِهايُمِ وِتَرو؛اَچِي ٿِـيَمِ اوچتِي، تن سانگِـيُنِ سين ساڃاءِ؛جِيجان! جَھلَ مَ پاءِ، هِنئون هوتَ هَڻِي وِيا!4ڪِيئن اَڙايُءِ پاندُ، پلؤ پَرَڏيهِيُنِ سين؟مَتِيُون مُوڙهِيُءِ، سَسُئِي! ڪَيُءِ ڪوهِيارو ڪانڌُ؛رُلِي! ڀانئِيُءِ راندِ، ٻانڀَڻِ! عِشقُ ٻَروچَ جو!5مُنهنجو پاڙِيچَنِ، ڪَچو ڪونه ڍَڪِيو؛پاسي چَڙهِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ؛تيلان ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇڏِي نِنڊ ۾.6حُسيـنِيءَ جِي هاڪَ، مادَرِ! مارِي آهِيان؛ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ؛ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِمِ پِرِينءَ سين.7جيڪِي فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي؛اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِيُنِ پَري ڪَيو.8ڦِرِي آءُ، فِراقَ! مُونکي وِصالان وِچُ پِيو؛جي ٿي چِڪِيَمِ، سي پِرِينءَ گڏجِي پُورِيا.وائيپُنهون پَريشانُ، ٻَرِ! ٻَرِ! نڪو خانُ نه مانُ؛هيءِ! هيءِ! حالُ مُنهِنجو.مُونکي بُکَ بوتَنِ جي، ناقي ڀانئِيان نانُ؛شَهرُ صَحرا ڀانـئِيان، مُون ليکي مَيدانُ؛رُئان ٿي رُڃُنِ ۾، آرِيءَ لَءِ عُرِيانُ؛پِٽِيان مُنهُن پَسَڻَ لَءِ، هِتي ٿِي حَيرانُ؛آهي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ؛ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَن جو سامانُ؛وِجِھجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِيَمِ! کائِي پانُ؛ڪَڏهِن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ؟آهِئين، عَبۡدُاللَطِيفُ کي، اَڳيان تُون اَڳوانُ.داستان ڇهون1آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.2ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.3سَؤ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پڻ ڏِيان سَٽِ؛جي مُون مِڙي مَٽِ، ته وِرِهُ وِهايان هيڪِڙو.4سُورَنِ سانگھارو، ڪَڏهِن تان ڪونَ ڪَيو؛آيَلِ! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَهي.5لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِيا قَضاڪَ!اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ!اَکَڙِينِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيـهِيُنِ جو.6ڏُکويُون ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي ويئِيُون؛هاڻي ڪِنِ مُلان، پُڇان پِرِيُنِ خَبَرُون؟7مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنهِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ؛ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻانِ، وَيا وِهائُو نِڪري.8ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي! سَندِرو؛ڪيچَ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرِين!9ڏُکَ سُکَنِ جي سُونهَن، گھورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!جنِين جِيءَ وِرُونهَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.داستان ستون1پُڇَنِ سي پَسَنِ، جڏهن پِرِينءَ کي؛ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.2پُڇيو ئِي، تان پُورِ؛ ناتَ پُڇَڻُ هوءِ مَ پِرِينءَ کي؛ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ، هَڏِ نه آهِينِ هوتَ کي.3ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان! شالَ مَ مِلان هوتَ!مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.4آئون ڏورِيَنءَ، شالَ م لَهَنءَ! پِرِين! هُئين پَري!هَڏِ نه ساهَ سَري، تَنَ تَسَلِّي نه ٿِـئي!5ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا؛اَدِيُون! آڙِيڪا، هِنئڙي پِيَمِ هوتَ سين.6جيڪا ڪَندي سَنگُ، مُون جئن ٻاروچَنِ سين؛اَنگُنِ چاڙهي اَنگُ، رُئندِي سا رَتَ ڦُڙا.داستان اٺون1آتَڻُ اورانگھي وِيا، آئون ٿي مَران، ماءِ!پِٿُون ٿِيندِيَس پيرَ تي، ’هَيءِ! هَيءِ!‘ ڪَري هاءِ!جِئڻُ مُون نه جڳاءِ، پِرِيُنِ تان پاسو ڪَيو.2ڄاڻِي جي ڄاتومِ، ته پوندو فلۡق فِراقَ جو؛اَکَـرُ اِرادَتَ جو، ڌُريائين ڌوتومِ؛پوءِ تان ڪونَ ڪَيومِ، هُوندَ ڪَشالو ڪيچَ ڏي.3دُکائِيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻانِي وَڃُ؛پِرِياڻونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين.4ڇِڄ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين؛مَڇُڻِ ٿِئين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نه لَهِين.5پُڇِيوئِي جان دوستُ، تان پاسي ڪر پَرِهيزَ کي؛جنِين ڏِٺو هوتُ، تن دِينَ سَڀيئي دُورِ ڪيا.وائيمُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا! پَلَئ لَڳِي آهِيان.ڇورِي ڇِنِي آهِيان، نِينهُن نِباهي نيجا؛ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچِي! ڪِيمَ وَڃيجا؛پُنهون مُنهنجو آن سين، ساٿُ سلامَتَ نيجا.مون تان وَڙُ وِڃائِيو، اَئِين پنهنجو وَڙُ ڪَريجا؛جوڳِيڪو ويسُ ڪَري، سِگَھڙِي سارَ لَهيجا؛آرِياڻِي! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مُون تي وَهِلو وَرُ ڪَريجا.داستان نائون1ڪاتِيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجُھلَڻَ وَڍِيو؛ماريَسِ سُورَ تَنهين، جو نه جِئاري، جيڏِيُون!2جِئ مُنهنجو جَنِ، اَنگڙِيارو وَڍِيو؛پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان، سَڄو نه ٿِئي!3رو، وِسانئي راندِ، پَہَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا؛هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏِينهَڙا.4رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُھري؛ڪُٺَلِ کي قَلبَ ۾، قُرب جو ڪاڙهو؛هوتَنِ لَءِ هاڙهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.5روئِي ڪَندِينءَ ڪوهُ؟ هاڻي ڪو هوتُ وَري؟جيڏيُون! جيڏوئِي ڪَيو، ساڻُسِ سيڻَ سِتوهُ؛ڊوهِي اَٿيان! ڊوهُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري!6کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنگُر مَ ڏِيو؛هيڪَرَ اُجھايو، ڏيئي ٻُرَ لُهارَ جِئن.7تُون جي ڪالَھ مئِي، ته ڪالَھ ئِي گَڏِينءَ پِرِينءَ کي؛ڪَڏَهن ڪانَ سُئِي، ته ڪا سَگِھي گَڏِي سَڄَڻين.8اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾!مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون.9مَرُ، مَٿا ڏيئِي، پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾؛ته سَرَتِيون سڀيئِي، واکاڻِينِئِي ويٺِيُون.داستان ڏهون1واڪِيو واڪِيو وِک، پاٻوهِيو پيرُ کَڻي؛سي نه چَڙَهندِيون ڏِکَ، موڙي پيرُ، مَرَن جي.2وِجُھ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين؛ڏُکُ تِنين کي ڏِکَ، حُبُّ جنِين کي هوتَ جو.3واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مَٿي سَڏَڙا؛مانَ تُنهنجِي ڪاءِ، سَڳَر ۾ سارَ ٿِئي!4سُورَنِ سانڍيـياسِ، پُورَنِ پالِي آهِيان؛سُکَنِ جي، سَيَّدُ چئي، پُکي نه پِيياس؛جيڪسِ آئُون هُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جي.5ڪِينهي طالِبَ تاتِ جا، نه ته آهي تاتِ تِيارُ؛ڏورِيان پيو ڏُڪارُ، گھورِندَڙَ کَڻي وِيا.6ڪنهن جنهن نِينهَن نَنڌاهُ، جي مُون واجھائِيندي نه وَرو؛جيڪِي مُئي ڪنداهُ، سو جانبَ! ڪَرِيو جِئري.7مَتان ٿِئين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهون آهِيان؛ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُورُ، حَدَ ٻِنِين جِي هيڪِڙِي.داستان يارهون.1جِئن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ، اُئَن تان اوٺِيُنِ نه ڪَيو؛ٻڙڪِي ٻاهَرِ نِڪِتِي، گاذَرِ مَنجھان گامَ؛ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَـرَ پَٽِيين.2لَڪِيُون! آن لَڳا، ڪي پلَءَ پانڌِيَڙَنِ جا؟توهان گَھڻيرو، ماءِ! رُوندا اُوءِ رَتُ وِيا.3ڏوٿِيُنِ چَيُسِ ”ڏُورِ، ڪيچُ اَڳاهُون پَنڌُ ٿِيو“؛پاڻا چَڙهِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.4سَسُئِيءَ جِي سِرِيءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي؛پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ هُئِي ماندِي؛لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرياڻِيءَ آندِي؛پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيب ٿِي.5هَيءِ ٿو وڃي هوتُ، آئُون ڪِ اَڳَـڀَرِي ٿِيان؛مَتان چوءِ بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو“.6ڪَمِيڻِيُنِ هَٿان، ٿينِ مُورائِين مَدِيُون؛تُون ڪَر پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجھا سُپرِين!7نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سڱِيڻِي؛آهِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻَروچِيءَ نه جُڙان.8ڪيـچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهنجِي ذاتِ جِي!مَتان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ مُنهنجِي لوءَ ۾!داستان ٻارهون1ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جئن هوتُ اَکينِ سين؛مُون کي چَيان ”لوچ“، پاڻا پيٺِيُون ڇَپَرين.2’ووءِ! ووءِ!‘ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻِ ’ووءِ!‘ وِسارِئين!پاڻِي هار مَ پَڌِرو، روءُ مَنجھان ئي رَتُ؛صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگھا ميڙي سُپِرِين.3ماٺِ ماريندِيَءِ پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ، رُئِين رَت!ڇورِي! ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائِيو.4جَڙَ جِئري جن سين، مُئي پڻ سين تَنِ؛جي هِتِ نه هوتُ پَسَنِ، سي ڪَنهن پَرِ ڪيـچِ پَسَندِيُون؟5اَوجَھڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿَ جي؛جا نِينهَن ڳِنهَندِي نانءُ، سا مُون جِئن پَوندِي مامِري.6ٻَڌو ڪَنهن ٻَنڌاڻِ، هِنئڙو هوتاڻِيءَ سين؛ڪا جا پِييَسِ ڪاڻِ، نِبيرِيانسِ، نه نِبِري!7ڏُونگَـرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارِکُو پُڇِيا؛هيڪِليُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندِي تُوڻِ؛اِي اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَن رِءَ نه سُٿِرِي.8لَکين لوڙائُو، سَهَسين آهِنِ سُڃَ ۾؛بَرَ ۾ بورائُو، کَڻُ، پِيادِي! پاڻَ سين.9نِينهَن مَ نالو ڳِنُّ، پِرِيَتَڻي پيرَ ٻِيا؛سُورَن ساڻُ مَ ڇِنُّ، وِرهُ وِهائجِ وِتَرو.10سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِّ، تن ڳِچِيءَ سِرِ ڳَہُ ڪَيو؛ٻِيُون ڪوهُ ٻُجَھنِّ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو؟11هارِي! هِنئون مَ لوڏِ، سُکَنِ پَوَندِينءَ، سَسُئِي!ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَ قَطارِيو.12حُسيـنِي حُسينَ لَءِ، بِيبِيءَ پاڻَ چئِي؛تهان پوءِ ٿـئِي، خَبَرَ ٻِي خلقَ کي.

No comments: