Wednesday, January 16, 2008

SAIN G M BIRTH ANIVERSERY


سائين جي ايم سيد جي 104 هين سالگره اڄ سن ۾ سادگي سان ملهائي ويندي


جيئي سنڌ هلچل جي باني ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي اڄ 104 هين سالگره سن ۾ سادگي سان ملهائي پئي وڃي. سالگرهه جي سلسلي ۾ ڪو به جلسو نه ٿيندو. رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 104 هين سالگره اڄ سن ۾ محرم الحرام، سائين جي ايم سيد جي نياڻي جي وفات ۽ محترمه بينظير جي شهادت سبب سادگي سان ملهائي پئي وڃي. جڏهن ته جسقم آرگنائيزنگ ڪميٽي پاران جسقم اڳواڻن عبدالواحد آريسر، شفيع ڪرناڻي، سرائي قربان کهاوڙ، علي حسن چانڊيو، شبير جمالي، روپلو چولياڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندا. جسقم پاران بشير خان قريشي، احمد مجتبيٰ راشدي، سيد خاندان پاران سائين امير حيدر شاهه، جلال محمود شاهه ۽ زين شاهه جي اڳواڻي ۾ خاندان جا ماڻهو، جسم پاران رسول بخش ٿيٻلو ۽ صوفي حضور بخش جي اڳواڻي ۾، جسم خالق گروپ پ پ پاران چيئرمين خالق جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران چيئرمين مير عالم مري جي اڳواڻي ۾، جسقپ پاران قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾، جڏهن ته سنڌ جا اديب خاڪي جويو، تاج جويو، علي بابا، سرڪش سنڌي، خالد زخمي چانڊيو، غلام رسول چانڊيو، ابراهيم جويو سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان هر مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو اڄ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀريندا. جڏهن ته سالگره جا جلسا نه ٿيڻ سبب ڪارڪن ۽ اڳواڻ حاضريون ڀري واپس هليا ويندا. هوڏانهن جسقم آرگنائزنگ ڪميٽي پاران محرم الحرام بعد سڄي سنڌ جي ضلعن، هيڊ ڪوارٽرن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره پروگرام جا جلسا ڪيا ويندا. جسقم آرگنائيزنگ ڪميٽي جي چيئرمين شفيع محمد ڪرناڻي، سرائي قربان کهاوڙ، رياض چانڊيو، علي حسن چانڊيو، شبير جمالي چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر کانسواءِ سنڌو ديش جي آزادي ناممڪن آهي، ان ڪري رهبر سنڌ جا پوئلڳ فڪر جي ايم سيد کي پڙهن ۽ ان تي عمل ڪن ۽ سنڌ جي آزادي لاءِ سرن تان سانگو لاهي ميدان ۾ لهي پون. سنڌ جو هي عاشق 17 جنوري 1904ع ۾ ضلعي دادو جي ننڍڙي ڳوٺ سن ۾ پيدا ٿيو. هن لڳ ڀڳ 33 سالن تائين قيد ۽ نظربندي جون سختيون سٺيون ۽ 25 اپريل 1995ع تي رياست جي قيدي جي حيثيت سان جناح اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.

No comments: